سنڌي ٻوليءَ ۾ بازارِي ٻولن جي ھن ڪوش بابت
ٻولي صرف اديباڻي (يا پارلياماني) لفظن جو نالو ئي ناهي ھوندو، پر اها انساني سماج جي هر رنگ کي پاڻ ۾ سانڍي تاريخ ٺاھيندي ھلندي آھي. گاريون، بازاري لفظ ۽ عام عوامي ٻول بہ هر زندہ ٻوليءَ جو اھم حصو هوندا آهن، جن کي جيڪڏھن ڪڍجي تہ ھوند اھا انساني ٻولي منڊي ۽ معذور لڳي. انگريزي، فرينچ، اطالوي، روسي، هنديءَ سميت ٻين ڪيترين ئي ٻولين ۾ اهڙيون لغتون ۽ تحقيقي ڪتاب موجود آهن، ڇاڪاڻ تہ لسانيات جي وسيع ۽ ٽيڪنيڪل ميدان ۾ انهن عوامي ٻولن کي بہ ٻوليءَ جو اهم ڀاڱو سمجهيو ويندو آهي.
پاڻ وري پنھنجي سماج ۽ ادارن کي ڏسون ٿا تہ سنڌي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين هن شعبي تي ڪوبہ جامع ۽ منظم ڪم نظر نٿو اچي. (سچ تہ اھو آھي تہ اسان جون لغتون پاڻ تازن تصورن آڌار سڌارا گهرن ٿيون، جيڪو بہ ڪم ٿيندي ڏکيو ٿو لڳي)!
سو خير! ڀلا جيڪڏهن "سنڌي ٻوليءَ ۾ بازارِي ٻولن جھڙوڪ گارين وغيرہ جو ڪوش" تيار ڪيو وڃي تہ اهو گارين جي واڌاري لاءِ نہ، پر ٻوليءَ جي مڪمل ڊاڪيومينٽيشن، تحقيق، سماجي لسانيات، ادب، ترجمي ۽ مصنوعي ذهانت جي ترقيءَ لاءِ هڪ اهم وک ھوندي.
ھن ڪوش جي ضرورت ڇو آھي؟
هاڻي سوال اهو آهي تہ: ”ڇا سنڌي ٻوليءَ ۾ ”گارين جي ٻولن“ تي مشتمل لغت نہ ٿي تيار ٿي سگهي؟
اھو سوال اسان مختلف ھنڌن تي ڪندا رھيا آھيون، پر گارين جي ڪري ھرڪو ڦڪائي محسوس ڪندو آھي. سو ھاڻي اسان سنڌي ٻوليءَ جي وسيع ذريعي ”سنڌي لئنگئيج ڊاٽ آرگ“ جيڪو انڊسين ٽيڪنالاجيز جي ملڪيت آھي، ان پاران ھي منصوبو جوڙي رھيا آھيون، جيڪو ”لوڪ سھيڙ“ نموني (Wiki Model) جيان ھوندو. جنھن جا جوڙيندڙ اسان ۽ اوھان سڀ ھونداسين.
اسان جي گهڻن پڙهيل لکيل دوستن وٽ اھو سوال جاڳندو آھي تہ گارين ۽ واھيات لفظن جي لغت ڇو ضروري آھي؟
ھن ڪوش ۾ ڪن گندن ٻولن جي پکيڙ جي ڳالهہ نہ ڪئي وئي آھي. اھا اداري جي نيت ئي ناھي، نہ ئي وري اسان ھتي گارين کي سيکارڻ يا انهن بازارِي ٻولن کي ھٿي ڏئي رھيا آھيون. پر اسان وٽ ھتي مڪمل علمي، تدريسي ۽ تحقيقي مقصد آھي. جيڪو ٻوليءَ اندر اھا نکيڙ ڪري سگهندو تہ ڪھڙو لفظ عام بازارِي آھي، گار آھي، ناشائستہ يا غيراخلاقي آھي ۽ ڪھڙو ادبي يا عام ٻارن ٻچن ۾ ۾ ورجائڻ جوڳو آھي.
مصنوعي ذھانت ۽ سنڌي ٻولي
ھاڻي ھي جيڪي اسان جا ٻار، جن جي ھٿن ۾ موبائل يا ٻيا ڊجيٽل اوزار (gadgets) آھن ۽ ھر روز مصنوعي ذھانت جي ڪنھن نہ ڪنھن پروگرام کي ڪتب آڻين ٿا، تن کي مصنوعي ذھانت گهٽ ۾ گهٽ ايترو تہ سمجهائي سگهي تہ ٻوليءَ ۾ ڇا ڇا آھي؟ جيڪڏھن ڪو ٻار ڪو غير شائستہ لفظ استعمال ڪري تہ مشين کين ٻڌائي سگهي تہ ”بابا! ھي واھيات لفظ آھي ۽ ان جي جڳھ تي ھي ڀلا ۽ فھميدا لفظ يا جملا سنڌي ٻوليءَ ۾ اڳواٽ موجود آھن.“
سو ھاڻي ان مشين کي سنڌي ٻوليءَ جي انهن ”فھميدن“ ۽ ”غيرفھميدن“ لفظن جي ڪير ڄاڻ ڏيندو؟ ظاھر آھي اھو ڪم اسان جو ئي آھي.
پر جيڪڏھن اسان رڳو ادبي ڪمن ۾ ئي ڦاٿل ھوندا تہ ھيءَ پڻ تلخ حقيقت آھي تہ دنيا ڏاڍو تيزيءَ سان اسان جي سرشت ۾ گهر ڪندي ٿي اچي. سچ اھو بہ آھي تہ، پنھنجي گهرن ۾ ايتريون کٽون يا پلنگ ناھن جيترا موبائل اچي ويا آھن. سو انهن موبائلن جي سرشتن اندر پنھنجي سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ ءٌ ڦھلاءَ وارو ڪم، يعني ان مصنوعي ذھانت کي سنڌي ٻوليءَ جي فھميدي ٻولن کان ويندي واھيات لفظن جي نشاندھي ڪرائڻ بہ پنھنجو ئي ڪم آھي، پنھنجي ادارن جو ڪم آھي.
تحقيق جو دائرو
اسان جي يونيورسٽين اندر ميڊيڪل جي ڪلاسن ۾ پروفيسر استاد ”ٻيھر ڄڻپ واري سرشتي“ (ريپروڊڪشن سسٽم) کي سمجهائيندي جيڪڏھن جنسي عمل، جنسي عضون جي ڪرت، شبيھ، ۽ جنسي عمل جي طريقي کي سمجهائيندا آھن تہ اھو علمي ۽ تدريسي ڪم آھي. ھتي بہ ساڳي نموني ”سماجي ٻوليءَ“ جي سرشت ۾ فھميدا ۽ غير فھميدا لفظ ٻئي تحقيق جو حصو آھن.
اسان اھو بہ ڏٺو آھي تہ ٻين وڏين لغتن ۾ اگرا ۽ فحش لفظ شامل ٿين ٿا. سنڌيءَ ۾ بہ اهڙن لفظن جي اصل صورت، معنيٰ، استعمال ۽ لساني جوڙجڪ بابت چٽي تحقيق جي ضرورت آھي.
ھيءَ ڳالهہ بہ فھم ۾ ھجي تہ اسان جي لاءِ رڳو ”سنڌي ٻولي“ آھي، ھزارين لکين سنڌي ”ٻول“ آھن. ھن ڪوش جي تياريءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي چوڪيداري بنيادي خيال آھي.