طريقہ ڪار
سنڌي ٻوليءَ جي اندر بازارِي ٻولن جي ھن ڪوش ۾ داخل ڪيل مواد مختلف ذريعن سان گڏ ڪيو ۽ ادارتي نظرثاني کان پوءِ شايع ڪيو وڃي ٿو.
بنيادي ذريعا
بنيادي لغوي ذريعن ۾ جامع سنڌي لغات، مرتب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ۽ انگريزي سنڌي لغت، مرتب ديوان پرمانند ميوارام، شامل آھن. ان کان سواءِ اداري پاران تيار ڪيل داخلائون بہ چٽي نموني سان ماخذ يا ذميوار نالي سميت لکيل آھن.
نجي ۽ عوامي مواد
اسان وٽ نجي طور موڪليل ڊيٽا بہ موڪليندڙن جي نالن سميت داخل ڪئي وڃي ٿي، جتي نالو ڏيڻ جي اجازت موجود ھجي. مختلف پرڳڻن، علائقن ۽ لھجن ڳالهائيندڙ ماڻهن جي موڪليل شاھدين، استعمالي جملن، زباني استعمال ۽ مختلف ھنڌن تي ڇپيل ذريعن مان مواد گڏ ڪري آن لائين شايع ڪيو وڃي ٿو.
رجسٽر ٿيل ھر واھپيدار جي موڪليل داخلا سڌي شايع نہ ٿي ٿئي؛ اھا ادارتي نظرثاني کان پوءِ ترتيب ڏئي شامل ڪئي وڃي ٿي. واھپيدار کي داخلا موڪلڻ وقت درجو چونڊڻو پوندو تہ اھا گارِي، بازارِي لفظ، واھيات لفظ، بازارِي پھاڪو، ٽوڪ يا تذليلي ٻول، جنسي لفظ يا فعل، جسماني عضون جو بازارِي نالو يا کُليل اظھار آھي.
ھر داخلا سان گڏ محفوظ ٿيندڙ ڄاڻ
اسان جي ھر ممڪن ڪوشش آھي تہ ھر بازارِي لفظ يا ٻول سان گڏ معنيٰ، تفصيلي تشريح، استعمال، علائقو، شدت، عمر جي درجابندي، ماخذ ۽ ممڪن مليو ھجي تہ استعمالي جملو بہ محفوظ ڪيو وڃي.
ماخذ جي سڃاڻپ
ڪنھن ڪتاب، لغت، تحقيقي ڪم يا نجي موڪليندڙ کان مواد مليو ھجي تہ داخلا سان گڏ ان جو ماخذ ڏيکاريو وڃي ٿو. نوان بازارِي پھاڪا، جيڪي انجنيئر عبدالوھاب سھتي پاران مليا آھن، سندن نالي سان ماخذ طور درج ڪيا وڃن ٿا.
بالغن لاءِ خبرداري
سائيٽ عوام لاءِ کليل آھي، پر مکيہ صفحي ۽ لاڳاپيل داخلائن تي 18+ خبرداري ۽ عمر جي درجابندي چٽي نموني ڏيکاري وڃي ٿي، تہ واھپيدار کي مواد جي فحش يا اگهي نوعيت بابت اڳواٽ ڄاڻ ملي.