اکر «ب» سان ٻول

بار گڏهه تي، ٽٽ ڇڏي کودي.

ٽٽ ڏيڻ؛ ڪمزوري ظاھر ڪرڻ. جنھن تي وزن آ، ان جو ڪرڪڻ يا ڪنجھڻ ته ٺھي ٿو. جنھن تي وزن ناھي، اھو پيو سھڪي ته ٺھي نه ٿو. ھيئن به…

بڇڙائي پٽ ۾ پئي آھي، جڏھن ڪو کڻي.

بڇڙائي؛ ڪڌو ڪم، غليظ ڌنڌو. ڪڌن ڪمن ڪرڻ لاءِ ڪاڏي واجھائڻ يا ھٿ ڦھلائڻ جي ضرورت ناھي، بس رڳو ارادو ڪرڻ جي ضرورت آھي. ۲. بڇڙو ڪم، ڏاڍو سولو لڳندو…

بڇڙائي ڪندڙ کي، سک ڪين ملندو.

بري کي، ڪيل بڇڙائي اندران ئي اندران پئي کائيندي آ. ۲. بڇڙي ڪري، چڱي ڪو نه پائي، ٻٻر پوکي، انب ڪو نه کائي. ۳. بڇڙي ڪري، چڱي ڪڏھن ڪين پائيندين.

بڇڙو؛ نه دوست چڱو، نه دشمن چڱو.

بڇڙو ماڻھو سنگت رکي ته بد راهه ڪري. دشمني ڪري ته کائڻ پيئڻ نراهه ڪري. ۲. بڇڙي سنگت کان، اڪيلائي چڱي. (اسپئنش) ۳. بڇڙي ماڻھوءَ جي؛ دوستي به خراب، دشمني…

بڇڙي استاد کي، گهڻو وقت نه رکجي.

بداخلاق کان تربيت به بداخلاقيءَ واري ملندي، کيس جلد فارغ ڪرڻ گهرجي. ۲. ڄٽ يا زانيءَ کي، استاد نه ڪجي. اگر ڪجي ته جلد ھنر جون ڳالھيون سکي، پاسو ڪري…

بڇڙي جو پاڇانڊو به بڇڙو.

گندي ماڻھوءَ جي پڇاڙي/ پڄاڻي به گندي ٿئي. ۲. بڇڙي جو بنياد/ بنھ/ بڻ به بڇڙو. ۳. بدڪردار عورت سان واسطو رکڻ به خواريءَ کان گھٽ ناھي. ۴. بڇڙي جو؛…

بڇڙي جي ياري، خواري ئي خواري.

ماڻھوءَ جي سڃاڻپ، سنگت ۽ صحبت مان ٿيندي آھي. ۲. جھڙو سنگ، تھڙو رنگ. ۳. ھيئن به چوڻي آھي؛ چورن سان چاھ پئي، جي من ميڙ ڪيئي، پوندو ته ڪاٺ،…

بڇڙي زبان تي، بڇڙي فال ايندي.

بڇڙي زبان؛ گاريال يا گندي زان. بڇڙي فال؛ بڇڙو/ گندو/ گارين وارو گفتو. بڇڙن جي واتان، بڇڙا گفتا نڪرن، جن جو نتيجو به بڇڙو ٿئي.

بد

ذ. زنانو مخصوص عضوو.

بد کان، بدنام بُرو.

بد؛ جيڪو بڇڙا ڪم ڪري، جھڙوڪ زنا، نشو، جوئا، چوري، گلا وغيرھ. اول ته بڇڙو ڪم ڪجي نه، اگر ڪجي ته لڪي ڪجي، جيئن بدنامي نه ٿئي. ۲. بڇڙي ڪم…

بدڙ

ذ. زنانو مخصوص عضوو.

بدڪلام؛ بدانجام.

بد ڪلام؛ بڇڙو ڳالھائڻ، گاريون ڏيڻ. ماڻھوءَ جا گڻ ۽ لڇڻ، ڳالھائڻ مان پڌرا ھوندا آھن. گندا لفظ ڪڍي ٻين کي چيڙائيندو ته موٽ ۾ سُھمون سھڻيون پوندس. جو چوندا…

بدمعاش منجھان، برائي نصيب ٿئي.

بدمعاش؛ جنھن جي ڪمائيءَ جو ذريعو بڇڙن ڪمن تي ھجي. بدمعاش، روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ، ھر قسم جي برائي ڪندو. منجھانئس چڱائيءَ جي اميد رکڻ عبث آ.

بُدي

ث. زنانو مخصوص عضوو، شرمگاھ. چُڏُ

بڊو، بدڪرداريءَ واري سٿڻ.

بڊو، هندي ڇھون مھينو، آگسٽ-سيپٽمبر دوران اچي، ان ۾ گرمي ۽ گھُٽَ ٿين. بدڪرداريءَ واري سٿڻ؛ خواريءَ جو کارو، بدناميءَ جو ذريعو، جنھن مان ھر ڪو جان ڇڏئڻ ۾ ھوندو…

بري جو نتيجو برو.

برائي ڪرڻ وارو نيٺ لوڙي. ۲. بري ڪم جي پڇاڙي بُري. ۳. بري ڪم جو انجام/ نتيجو برو. (انگريزي)

بري جي دوستي؛ ڪاٺ کي سُرو.

بري صحبت جو اثر، جلد پوندو آ. ۲. بري شيءِ، جنھن سان ملي، مٿس برائيءَ جو اثر جلد ڇڏي. ۳. بُري جي صحبت مان برائي ئي حاصل ٿيندي. ۲. برن…

بري خبر کي، پَرَ لڳل.

بري خبر؛ ھر ڪنھن کي وڻي ۽ ڏانھنس ھر ڪو ڪن ڏئي. جنھن سبب اھا جلد ڦھلجي وڃي. ۲. بري خبر، اڏامندي ويندي آ. ھيئن به چوندا آھن؛ ٻئي جي…

بري وقت جو ساٿي، ڪو ڪو نه ٿئي.

بري وقت ۾ ڪير به مدد لاءِ ھٿ نه ڊگھيڙيندو آ. ۲. جڏھن برو وقت يا مصيبت اچي ته مڙئي رستا بند ٿي وڃن. ساھتيءَ اندر ھيئن به مثال ڏيندا…

بَڪَ، بڇڙي آ.

بَڪَ؛ اجايو وات ھڻڻ، بڪواس ڪرڻ، گاريون ڏيڻ وائي توائي بڪڻ. ۲. گھڻو ڳالھائڻ مان ڪي ڪين ورندو آ. ۳. بڪ، ڏاڍي بڇڙي آھي.

بڪواس کان، زبان بند چڱي.

گندي ڳالھائڻ مان گهڻا نقصان آهن، ان جي ڀيٽ ۾ ماٺ مان گهڻا فائدا آهن. ان ڪري ماٺ رھڻ کي ترجيح ڏيڻ گھرجي.

بڻ جنھن جو بڇڙو، ميوو مٺو نه تنھن.

بُڻُ؛ نسل، اصليت. بد اصل ماڻھوءَ جو اولاد به کريل ھوندو. ۲. جنھن جو بد بڻياد، تنھن جو ميوو مٺو نه. (ساھتي) لاڙ اندر ھيئن به چون؛ بُڻُ چڱو؛ بڻياد…

بي ادب؛ بي نصيب.

بي ادب؛ گستاخ، ڪريل، ڪميڻو. وڏڙن جو ادب نه ڪندڙ ماڻھو، بدنصيب ٿئي ٿو. ۲. جنين عجب، تنين عجب. ھيئن به چوندا آھن؛ با ادب با نصيب، بي ادب بي…

بي ايمان کان، بندوق به نه ڇُٽي.

بي ايمان؛ ٻيائي خور، ناانصافي ڪندڙ، رب جو خوف نه رکندڙ. بي ايمان ماڻھو، ڊڄڻو ۽ بزدل ٿيندو آھي. ٿڙڪڻ ۾ پورو ھوندو آھي. کانئس، ھٿ ۾ جھليل بندوق به…

بي پتو، شل ڪتو به نه هجي.

بي پِتو؛ بي حياءُ، بيغيرت. ۲. بي شناس، ڪتو به خراب. ۲. مڙس ته غيرت. ۳. مڙس آهي، پتي سان. ۴. بي سرو، ڪتو به نه هجي. ۵. بي سري…

بي پيرو؛ بڇڙو.

بي پيرو؛ جنھن جو پير يا مرشد نه ھجي. جنھن جو پير مرشد ناھي، سو اخلاق کان وانجھيل ھوندو ۽ ڪتي وانگر ڪنھن جي ڌت ٿيڻ جو نه ھوندو. ۲.…

بي تالي رن؛ ڌڪڙن جو زيان.

بي تالي رن؛ نچي نه ڄاڻندڙ رنڊي. ۲. ڪم نه ڄاڻندڙ، ڪم ڪندو ته کاريندو. ۳. بي تال ڪڃري، ڌڪڙ جو زيان. (لاڙ)

بي حيائي، بادشاهي.

بي حياءُ، بادشاهه وانگر، هر هڪ کان ڏاڍو هوندو آهي. ۲. بي حياءَ لاءِ چئبو آهي؛ ”فلاڻو ته بادشاهه آهي.“

بي سري جي ڦوس، مال ۾ ٽاھ.

بي سُرُو؛ ڳالھائڻ ۾ سُرُ نه ھجيس، ڪنو ڳالھائيندڙ. جنھن جي ڳلي ۾ سر ناھي، ان جي نڙيءَ مان ھلڪو آواز به مال ۾ ٽاھ وجھڻ قابل ھوندو. ۲. بي…

بي عزتي ٽڪر کان، عزت جي بک ڀلي.

بي عزتو ٽڪر؛ اھو کاڌو، جيڪو ڪڌي ڪم ڪرڻ کان پوءِ حاصل ٿئي. غليظ کاڄ سان پيٽ ڀرڻ کان، عزت قائم رکڻ چڱي آ. وڏڙا ھيئن به مثال ڏيندا آھن؛…

بي عزتي ٿيندي آ، عزت واري جي.

بي عزتي ٿيڻ؛ عزت نه ٿيڻ، ٿوڪو ٿيڻ. گھٽ وڌائي، ان شيءِ ۾ ايندي آھي، جنھن جو وجود ھجي. جنھن جو وجود ئي ناھي، تنھن ۾ گھٽتائي يا واڌ جو…

بي لڄو، ڪتو به چڱو نه.

بي لڄو؛ بنا لڄ يا شرم جي. لڄ ۽ شرم نڪري وڃڻ کان پوءِ، ماڻھو ڪتي کان به پري ٿي وڃي ٿو. ۲. ڇو جو چوندا آھن؛ بي پتو، شل…

بي نڪي جو نڪ وڍيو، سوا هٿ ٻيو وڌيو.

بي نڪو؛ جنھن کي نڪ نه ھجي، نڪ نرڄو، بيحياءُ. نڪ وڍجڻ؛ خواري ٿيڻ. سوا ھٿ ٻيو وڌڻ؛ اڳي کان واڌارو ٿي اڀرڻ، لوسڻ وانگر جلدي اڀرڻ. جنھن کي لوسڻ…

بي واھي عورت؛ جھنگ ۾ انب جو وڻ.

بي واھي؛ جنھن جي واھت يا سار سنڀار ڪرڻ وارو ڪير نه ھجي. انب ۽ عورت، واھت سان بچيل رھندا. واھت نه ڪبن ته ڪتن ٻلن جو کاڄ ٿي ويندا.

بي وڙو، لوڪ تڙيو.

بي وڙو؛ بنا وڙ يا بنا اخلاق جي. بد اخلاق، ٻين جي نظرن ۾ ڪري پوي ٿو. ۲. ٻين کي حقارت سان ڏسندڙ، پاڻ حقير ٿي وڃي ٿو.

بيشرم لاءِ؛ نه تار، نه تانگهو.

بيشرم؛ لڄ يا حيا کان وانجھيل، بداخلاق، ڪنو. جنھن کي شرم حياءُ ناهي، تنھن کي برائي ڪرڻ سھنجي لڳندي آهي. ھيئن به ٻڌڻ ۾ آيو آھي؛ ڪنيءَ رن جو؛ نه…

بيڪاري، بد اخلاقيءَ جو بنياد آ.

بيڪاري؛ نڪمائي، نکمڻائپ. جيڪو ماڻھو ڪو حق حلال جو ڌنڌو نه ٿو ڪري، سو نيٺ بک مرندو. بک مرڻ پڄاڻان ڪڌن ڪمن ئي معاش جو ذريعو بڻائيندو. جنھن ڪري وٽس…