ٻارن مان ڳڀ ٿين، زالون مڙس نه ڪن.
ٻار، اڻ آزمودگار ۽ نامرد مان، بالغ عورت ڪي ڪين وٽي سگھندي. اولاد جي ٿيڻ لاءِ، بالغ ۽ سگھاري مرد جي ضرورت آ. ۲. ٻارن چڙهئي به ڪا ڍڪي ٿي؟!…
ٻار، اڻ آزمودگار ۽ نامرد مان، بالغ عورت ڪي ڪين وٽي سگھندي. اولاد جي ٿيڻ لاءِ، بالغ ۽ سگھاري مرد جي ضرورت آ. ۲. ٻارن چڙهئي به ڪا ڍڪي ٿي؟!…
لفظن جي معنيٰ: تاک؛ تڪيندڙ. سکڻي؛ پڙھيل. آک؛ اک ملائيندڙ. ڪاک؛ ڪاري رنگ واري. چراک؛ چراخ، عورت جو قسم. ڏھ-ويھون؛ ٻه سؤ. چوڏھن؛ چوڏھن-ويھون، ٻه سؤ اسي. ھٿري؛ ڏائڻ جو قسم. ٻانڀڻي يا ٻانڀڻ جي زال سان گڏ ٻين اوصافن واري عورت کان ڀڄي پاسو ڪجي.
پراين عورتن کان بچڻ لاءِ نصيحت ڪندي، ڊيڄاريو ويو آ؛ ٻانڀڻي/ ٻانڀڻ جي زال، ٻارنھن کي ته چمار/ موچاڻي چوڏنھن کي تباھ ڪندي آ. جيڪڏهن ڪير اتان به نه مڙي…
تاک؛ تڪيندڙ. سکڻي؛ پڙھيل. آک؛ اک ملائيندڙ. ڪاک؛ ڪاري رنگ واري. چراک؛ چراخ، عورت جو قسم. ڏھ-ويھون؛ ٻه سؤ. چوڏھن؛ چوڏھن-ويھون، ٻه سؤ اسي. ھٿري؛ ڏائڻ جو قسم. ۲. ٻانڀڻي…
ٻانھو؛ نوڪر، حڪم جو بندو. ڄنگھان کڻڻ؛ ھم-بستر ٿيڻ. ۲. ٻانهيءَ جي ٻار کي ساھ آ جو سائڻ سان نخرا ڪري. ائين به چوندا آھن؛ ٻانھي کي ساھ آ جو…
ٻانھياري؛ جنھن کي ٻانھن ۾ سونيون چوڙيون ۽ ڪنگڻ پاتل ھجن، امير عورت. امير عورت، اگر ڀونڊو ڏئي ته سڀ ڪو چوندو؛ مون تيمھربان آ ۽ مون ۾ ھُجَّ رکي…
ٻاھر-پيري؛ گهوماڪڙ، ٻاهر گهمندڙ عورت. رولاڪ عورت کي هرڪو پنھنجو سمجهي منجھس سڌون رکندو آھي. جنھن سببان مٿس جهيڙا ٿيندا آهن.
منڊو تمام گهڻو شرارتي ٿيندو آ. ڪاڻو، کانئس وڌ. جڏهن ته گنجو، مڙني جو بابو. ۲. ٻٽيھه منڊ منڊي ۾، اسيءَ ۾ ڪاڻو، اهڙو گنجو ساماڻو، جو سڀني ماٺ ڪئي.…
ٻروچ سان ياري ٿي ته اھڙا ڪم ڪرائيندو جو ماڻھو جيل ضرور وڃي. سنڌي وري اھڙا ڪم ڪرائيندو جو گھر ٽپڙ ضرور وڪڻڻا پون. پٺاڻن لاءِ چوندا آھن؛ وياج جو…
ٻڪري جيڪڏھن ٻر-دار ھوندي ته منجھانئس ڄاول ڇيلو، وڏن آنورن سان ٿيندو.
عمل مان، ماڻھوءَ جي نيت جي بوءِ ضرور ايندي آ. ۲. ڪم ظرف، فائدي واري ڪم مھل به، اڍنگائي ضرور ڪري. ۳. غريب جي چڱائي به برائي نظر ايندي آ.…
نَهَر پوڻ؛ بگهڙ جو حملو ڪرڻ. ھنگڻ اچڻ؛ لڪڻ لاءِ بھانو ملي وڃڻ. ڏکئي وقت ڪير به مدد نه ڪري، هٿائين بھانو ڪري ڀڄي وڃي. ۲. ٻڪرين ۾ بگهڙ پيو،…
ست ڪئا کائڻ؛ سڄي ڄمار ظلم ڪرڻ. حج تي ھلڻ؛ ڏيکاءَ واري عبادت ڪرڻ. ظالم، گهڻا گناهه ڪرڻ بعد، ڏيکاءَ لاءِ نيڪيءَ جا ڪم به ڪندو آ. ۲. ست ڪئا…
ڇٻل ڪڍڻ؛ ٻليءَ جو ڪاڪوس نڪرڻ. ڪمزور ماڻھو، ٿوري ڪم ۾ به وڏو وقت سيڙائيندو آ.
ڪنجوس کائڻ وقت خوش ٿئي، موٽائڻ وقت ميڪٽ ڪري. ۲. بيوقوف پھرين سوچي قدم نه کڻي، بعد ۾ پڇتائي. ۳. ٻلي کائيندي ڪين ساري، پر کنگهندي ساري. (هندي) ۴. ٻلي…
ڪمزور چالاڪ، پنھنجي غلط ڪم مان به منافعو حاصل ڪري وڃي ٿو.
پنجو منھن تي رکڻ؛ پاڻ کي ڀونڊو ڏيڻ، ندامت محسوس ڪرڻ. ٻليءَ جھڙو جانور به جھيڙي وقت ندامت ۽ شرمساري ظاھر ڪري.
گهڻ ۾ پوڻ واري کي نقصان پوي ٿو. ۲. ٻن ٻيڙين تي جيڪو پير رکي، تنھن جون ڄنگهون ڦاٽن. (سرو) ۳. ٻن ٻيڙين ۾ جيڪو چڙهي تنھن جا چڏا چيرجن…
هڪ مياڻ ۾ ٻه ترارون نه ماپن. ۲. هڪ زال جا، ھڪ ئي وقت ٻه مڙس نه ٿيندا آھن. ھيئن به چوندا آھن؛ ٻه تراريون، هڪ کپ ۾ نه ماپنديون.
ٻَچي ڦاڙائڻ؛ ڪانئچ لاھرائڻ، بيعزتي ڪرائڻ. پرائي معاملي ۾ ٽپو ڏئي نه گھڙجي. ان سان عزت ھرگز نه ملندي، ھٿئون جيڪا آھي، ان جي وڃڻ جا به امڪان آھن.
ٻُنڊو وجهڻ: خصي ڪرڻ، ٻئي کي نقصان ڏيڻ. نقصان يا فائدو ڏيڻ لاءِ، اڳلي کان اڳواٽ نه پڇبو آ.
ترار؛ مڙس. ھڪ مياڻ؛ هڪ زال. ھڪڙي عورت جا ٻه مڙس نه ٿي سگهندا. هڪ هٿ سان، ٻه ڪم ڪين ڪري سگهبا. هڪ ٿانءَ ۾ ٻه پاڻيٺون نه رکي سگهبيون.…
ترار؛ مڙس. ھڪ مياڻ؛ هڪ زال. ھڪڙي عورت جا ٻه مڙس نه ٿي سگهندا. هڪ هٿ سان، ٻه ڪم ڪين ڪري سگهبا. هڪ ٿانءَ ۾ ٻه پاڻيٺون نه رکي سگهبيون. ۲. ٻه تراريون، هڪ کپ ۾ نه سمائجن. (تيلگو) ۳. ڪانھي ٻن ترارين جاءِ، هڪ مياڻ ۾. ۴. ٻه ترارون، هڪ مياڻ ۾ نه ماپنديون. ۵. ٻه تلوارون، هڪ مياڻ ۾ نه اچي سگهنديون.
ٻھراڙيءَ جو ڪتو؛ بکن تي رکيل ڪتو. شھر ۾ ھرڻ؛ مارڪيٽ اندر کاڌا کائڻ تي ھري پوڻ. هير يا عادت جڏھن پوندي آ، تڏھن مالڪ به کانئس وسري ويندا آھن.…
ٻوڙو؛ جيڪو ٻئي جي نه ٻڌي، ڪنڌ ۾ ڪليءَ وارو. بدمعاش شخص، ظاهري ۽ چٽي ڳالهه تان به اَلي ويندو آ. ھيئن به چوندا آھن؛ ٻوڙي کي لڳو باٺو؛ چئي؛…
ذ. صفت. اَڻڄاڻ، موڳو، بيوقوف. غافل. (ذ) مردانو مخصوص عضوو.
ڪيها؛ ڪهڙا. پنج؛ پنج رپيا، ليکا چوکا، حساب ڪتاب. ٻين سان ڀلي حساب ڪتاب ڪجي، پر سنگت ۾ نه ڪجي. ۲. ٻين سان ڀلي آڙا گوڙي ڪجي، پر سنگت ۾…
ڍيڪڻ؛ ڍيڪ ڏيندڙ عورت، ويچارا ڪڍندڙ، عيب اگھاڙيندڙ. ٻيا سڀئي سوچي سمجهي ڳالھائيندا آھن، پر ڍيڪر عورت کي جتان ايندو آ، اتان پئي ڳالھائيندي آ. ۲. ٻيو هر ڪو هوريان…