اکر «ا» سان ٻول

ابو امڙ تي وريام.

وريام؛ مڙس ماڻهو، زير ڪندڙ. مڙس، فقط زال لاءِ بھادر هوندو آ. يعني بابو رڳو امڙ لاءِ بھادر يا سخت گير آ. باقي ٻاھر نڪتي کان پوءِ ڀاڙيو آ.

اٺ پوڙهو ٿئي تہ بہ مٽڻ ڪين سکي.

مُٽڻ جو صحيح طريقو، سکڻ سان نہ پر ڪرڻ سان ايندو آ، جنھن ۾ پنھنجي جان کي پيشاب جي ڇنڊن کان بچائڻو ھوندو آ. اٺ ان قسم جو احتياط نہ ڪندو آ. چڏا موٽانگي ۾ پُسيل ۽ ٿڦيل ھوندا اٿس. جنھن سبب ڪراڙو ٿيڻ کان پوءِ بہ عقل نہ پرائيندو آ. ھيئن بہ چون؛ اُٺ پوڙهو ٿيو، تہ بہ مُٽڻ نہ سکيو. اٺ جي پوڙھپ تي ٻيو بہ پھاڪو آھي، جو چوندا آھن؛ اٺ ڪراڙو ٿئي، گوڙيون ڏيڻ نہ ڇڏي.

اٺ ڀارتو کڻو، ٽِٽا ڏِيڻ ۾ تہ ڪو نہ گيو.

اٺ جو ڪم آ وزن کڻڻ. اگر نہ کڻي سگهي پوءِ مٿس ٽوڪ ڪري سگهجي ٿي. باقي ٽٽ ڏيڻ، ساھدار جي فطرت آ، ان سببان مٿس کل مذاق يا ٺٺول نہ ڪجي. ڇو جو اھو ڪو غير فطري عمل يا عيب ناھي، جو مٿس ھيڙھو ھيڙھو ڪجي. ھونئن بہ چوندا آھن؛ بيضا ڏيڻ واري ڪڪڙ کي، ٽان ٽان ڪرڻ جو حق آهي.

اٺ، پنھنجي مٽ ۾ ترڪي.

مُٽُ؛ پيشاب. مُٽَ ۾ ترڪڻ. (ورجيس)؛ ڪمزوري ظاھر ٿيڻ. اٺ جي پيشاب جي نليءَ جو منھن، پٺ ڏانھن ھوندو آ، جنھن سببان ان جو وھڪرو پٺ ڏي ھوندو آ. مٽڻ سبب، سندس بيھڻ جي جاءِ موٽانگي ۾ تر ھوندي آ ۽ ٿاڦوڙا پير، منجهس ترڪندا آھن پيا. جغدالي ٻوليءَ وارا بہ چون ٿا؛ اٺ، پانجي پيشاب کئون ترڪي. لاڙ پاسي وري ھنن لفظن ۾ چون؛ اُٺ، پنھنجي مُٽ تان تِرڪي. ھونئن بہ مشھور آ؛ اٺ پوڙهو ٿئي تہ بہ مٽڻ ڪين سکي. ان جو مثال ھيئن بہ آھي؛ بيوقوف ماڻهو پنھنجي ڪڌن ڪرتوتن سبب نيٺ ڦاسي.

اچي نچڻ جنھن کي نہ، سو گاريون ڏئي دهل کي.

گار ڏيڻ، چڱو ڪم ناھي. جيترو ٿي سگهي، پنھنجي وات کي ڪنٽرول ۾ رکجي. جنھن کي نچڻ نہ ايندو آھي، اھو ٻين جا عيب اگهاڙي، پاڻ کي ڍڪڻ جي ڪوشش ڪندو آھي. ٻيو تہ ھر ماڻهوءَ کي پنھنجو وڏو عيب بہ نظر نہ ايندو آھي. جڏھن تہ پرائو ننڍڙو عيب وڏو پيو نظر ايندو اٿس. اھڙن ڪم ڄاڻ وارن لاءِ پڻ چوندا آھن؛ ناچو نچ نہ ڄاڻي، آکي؛ ڀون سوڙھي، گدڙ ڊاک نہ پڄي، آکي ٿو ڪؤڙي.

اڇي ڏاڙهي، اٽو خراب.

اٽو خراب ٿيڻ؛ پيريءَ ۾ زنا جھڙو ڪڌو ڪم ڪرڻ. جيئن تہ پيريءَ ۾ عقل گهٽجي وڃي ٿو، جنھن سببان غلط ڪم ڪندي بہ شرمساري محسوس نہ ٿيندي آھي. ۲اھو پھاڪو ھنن لفظن ۾ بہ ٻڌو آ؛ اڇو مٿو، اٽو خراب. ڪي تہ وري ھيئن بہ چوندا آھن؛ اڇي ڏاڙھي، مٿو خراب.

اديءَ کي نہ جن، نہ ڪن؛ ادو عشق ۾ انڌو.

هڪ طرفو عشق، خلق خواريءَ کان سواءِ، ڪي ڪينهي. ۲. اديءَ کي نہ اير، نہ ڀير؛ ادي جن کي عشق آذرت ڪيو. (ساهتي) ۳. ادي کي نہ جنين، نہ ڪنين؛ اديءَ کي عشق انڌو ڪيو. (لاڙ) ۴. اديءَ جي دل ۾؛ ”اَدو..“، اَدو، عشق ۾ انڌو. ۵. اديءَ کي ڪن-ڀڻڪ نہ، ادو عشق ۾ انڌو. ۶. اَديءَ کي نڪا ڪَن، نڪا جَن؛ ادا عشق ۾ انڌو. (لاڙ) ۷. ادو عشق ۾ انڌو؛ اديءَ کي نہ خبر، نہ چار. ۸. ادي کي جنين نہ ڪنين پر ادو عشق ۾ انڌو.

اڌ سير جي باسڻ ۾، سير نہ ماپندو.

ھڪ شيءِ ٻيءِ جي اندر، تڏھن گهڙندي يا ماپندي، جڏھن اڳليءَ جي پيٽ ۾ اوتري جي گنجائش ھوندي. اگر سل يا سوڪ ئي سوڙھو ھوندو تہ سواءِ نقصان جي ٻيو ڪجهہ نہ ٿيندو. ھر ٿانءُ پنھنجي مقدار آھر، ڪنھن مايي کي ماپائي سگهي ٿو، وڌيڪ نہ. وڌيڪ وجهبس تہ ھاربو. ۲. ماڻهو پنھنجي وت ۽ وس آھر ڪو ڪم ڪري سگهي ٿو. وت کان وڌيڪ ڪندو تہ مرندو.

ارداسن سان پٽ ڄمن تہ هڪ بہ نپٽو نہ هجي.

ارداسَ؛ عاجزيون، دعائون گهرڻ. اولاد، ڄمندو آ، مڙسيءَ ڪرڻ سان. جيستائين اھو فطري (جنسي) عمل نہ ڪبو، تيسين اولاد ڪو نہ ڄمندو. شرع ۾ شرم ناھي. اگر ڪبو تہ اولاد جھڙي مٺي ميوي کان محروم ئي رھبو. جو چوندا آھن؛ محنت کانپوءِ، ڪم مان ڦل حاصل ٿيندو آهي.

ارھ سٽاڻي ڪامڻي، مرد جوڀن گت،

اره سٽاڻي: بالغ ٿيڻ. ڪامڻي؛ جوان ۽ سامايل عورت. جوڀن گت: سامائجڻ. سڱا ڪڍڻ؛ سڱ اڀرڻ. تري؛ گهوڙي. مي مت؛ طاقت ۾ مست. ۲. عورت جي ڇاتي نڪرڻ، مرد جو بالغ ٿيڻ، سوئر کي سڱ ڄمڻ، شينھن جي پھرين سٽ ۽ گهوڙيءَ جو طبيلي مان نڪرڻ. اهي پنج ئي لمحا، طاقت ۽ مستي پيدا ڪندڙ آهن.

اشتداقي، نه خالي، زاني، نه مالي.

اشتداقي؛ سج اڀرڻ کان اڳي ننڊ مان اٿندڙ. زاني؛ جاھو، زنا ڪندڙ. بنا نڪاح جي تعلق رکندڙ. صبح سان سوير اٿندڙ، ڪڏھن به سڃو نه ھوندو. جاھو يا زاني، ڪڏھن…

اعمال بد، احوال بد.

بڇڙا يا ڪڌا ڪم ڪرڻ، جھڙوڪ؛ زنا ڪرڻ، شراب پيئڻ، جوئا ڪرڻ، وياج کائڻ، رشوت وٺڻ وغيره کان پاسو ڪجي ته بھتر آ. ور نه ته بدناموسي ٿيندي. چوندا آھن؛…

اک لڄائي، ڌيءَ برائي.

ڌيءُ جي خراب ٿيڻ سان، ماڻهو ڪٿي جو بہ نہ ٿو رهي. ۲. اکِ، لڄَ سان ٺھندي آ. ميري اک سان ڏسڻ وارو پاڻ لڄي ٿو ٿئي.

اک ۾ عورت، ڳنڍ ۾ پئسو.

زال اکين آڏو ۽ پئسو جان سان ھئڻ گهرجي. ٻي صورت ۾ ٻنهي جا تاڪائو، کين ڦٻائڻ ۽ ھٿ ڪرڻ جي چڪر ۾ مٿن پيا لامارا ڏيندا آھن. انهن کان بچڻ جي صورت ھڪڙي ئي آھي؛ واھت.

اڪيلي جهنگ وئي، ماڻهن ليکي ڀڄي وئي.

ڪاڪوس ڪرڻ جي حاجت ھر ساھدار سان لڳل آ. جڏھن پيٽ ۾ پيل پرائي بلا زور ڀريندي آ تہ پوءِ جاءِ جڳھ، ھنڌ پنڌ نظر نہ ايندا آھن. ڪن کي گهر ۾ اٿڻ ويھڻ جو ھنڌ نہ ھوندو آ تہ جهنگ جي خيال سان نڪرندا آھن. عورت ذات وڏي ڪمزور ٿئي ٿي، ڪمزوريءَ سبب، اھڙي حاجت خاطر اڪيلي نڪرڻ سبب، مٿس عيب يا الزام جلد لڳي سگهي ٿو.

اڪيلي رن، عاشق گهڻا.

اڪيلي عورت، نڌڻڪي ٿي ٿي پوي. جڏھن تہ نڌڻڪي شيءِ جا وارث/ واهرو گهڻا ٿي پوندا آهن. ان صورت ۾ صنف نازڪ لاءِ گهڻن جو ڌيان ڇڪجي ويندو آھي. ھر ڪنھن کي پنھنجو اھو ٽپائڻ جو اونو ٿي پوندو آھي. ان ڪري ائين بہ چوندا آھن؛ نڌڻڪا گهوڙا، غيباڻا ھسوار.

اگار

بدگفتگو، گار گند. ويڻ، سُهم، ڏوراپو.

انڌي هنگي، ٻہ سيڙائي

ظاهري طور انڌي ماڻهوءَ کي حاجت لاءِ ٻين جي مدد گهربل هجي؛ پر محاوري طور اناڙي يا نااهل ماڻهوءَ جي ڪيل ڪم کي درست ڪرڻ لاءِ ٻيڻي محنت ڪرڻي پوي.

اهڙيءَ پٽ

محاورو (گار طور ڪم ايندڙ). اَهيڙيءَ (شڪاري) جو پٽ. رَن زال جو پُٽُ. البيلو.