آئيني کي ڀونڊو ڏيڻ، آ پاڻ کي ڀونڊو ڏيڻ
آئيني جي اڳيان جيڪا شيءِ آڻبي، سا ئي عڪس ۾ پَسائيندو. سهڻو ٿي بيھبو، سهڻو ڪري ڏيکاريندو. ڪنو ٿي بيھبو، ڪنو ڪري ڏيکاريندو. ڀونڊو ڏبو، ڀونڊو ڏيندو. ھونئن بہ چوندا آھن؛ اڀ ۾ ٿڪ اڇلائڻ، آھي منھن ۾ پائڻ.
آئيني جي اڳيان جيڪا شيءِ آڻبي، سا ئي عڪس ۾ پَسائيندو. سهڻو ٿي بيھبو، سهڻو ڪري ڏيکاريندو. ڪنو ٿي بيھبو، ڪنو ڪري ڏيکاريندو. ڀونڊو ڏبو، ڀونڊو ڏيندو. ھونئن بہ چوندا آھن؛ اڀ ۾ ٿڪ اڇلائڻ، آھي منھن ۾ پائڻ.
ريڌي؛ ريجهي پئي، راضي ٿي پئي، رضا خوشيءَ سان. پنھنجي خوشيءَ سان ڪيل ڪُڌي يا بڇڙي ڪم لاءِ، روئڻ ڏکيو آهي. ۲. پنھنجو پاڻُُ، ڊڪي وڃي ٻين جي جهوليءَ ۾ وجهندڙ کي لوڙ لوڙيندي ارمان يا پشيماني نہ ٿيندي آ. چوندا آھن؛ ھٿ جي ڦٽي؛ نہ دارون، نہ پٽي. (اتر سنڌ جو پھاڪو)
’آتَرو‘ جو مونث. اٻهري، تڪڙي. (دل جي) هلڪڙي، واهيات. گار طور ڪم ايندڙ لفظ.
لَيلُ = ذاتِ. وَيلُ = آزار، ڏچو، زوري ڪرڻ. آڍو ليل سنڌ جو بدنام ڌاڙيل هو جيڪو سڪرنڊ تعلقي جي ڳوٺ ڇتن شاهه جو رهاڪو هو. آڍو ليلُ سُهڻن ڇوڪرن جو پياسي هو، ڇوڪرا اغوا ڪندو هو ۽ ڪجهہ وقت پاڻ وٽ رکي، پوءِ ڀُنگ وٺي آزاد ڪندو هو. (سڪرنڊ جو پھاڪو)
اهڙي مطلبي ۽ ڪم ڪڍائو ماڻهوءَ لاءِ چيو ويندو آهي، جيڪو پنھنجو مطلب ڪڍڻ لاءِ ٻئي جي نقصان جي بہ پرواھ نہ ڪري.
ساٽي؛ مياڻ منجهان مڇي وغيرہ گڏھن تي سٿي، شھر جي منڊيءَ ۾ آڻڻ وارو ميربحر دايو. ۲. اگر درياھ مان نڪرندڙ مڇي، ديو ڪڍن ۽ اھا سوٽن جي زور تي، ساٽي گڏھن تي سٿين/ لڏين تہ گڏھ جھڙي نرڄي جانور جو بہ ساھ نڪريو وڃي. (ساھتي پھاڪو)
سڪا؛ سڳا، مائٽ. چڀڙ؛ پنڊا، ڍاڪون، خوان، خونچا. زال جي مائٽن کي، گهر منجهہ، عزت ملندي آهي. مڙس جا مائٽ، جڏھن مھمان ٿي ايندا آهن تہ سندن خاطر تواضع گهٽ ٿيندي آهي.