بازارِي پھاڪا

158 داخلائون · صفحو 1 / 10

آپي ريڌي، ڪرم ڪٽائي

ريڌي؛ ريجهي پئي، راضي ٿي پئي، رضا خوشيءَ سان. پنھنجي خوشيءَ سان ڪيل ڪُڌي يا بڇڙي ڪم لاءِ، روئڻ ڏکيو آهي. ۲. پنھنجو پاڻُُ، ڊڪي وڃي ٻين جي جهوليءَ ۾…

وڌيڪ پڙھو

آڍو ليل، ڇورن لاءِ ويل

لَيلُ = ذاتِ. وَيلُ = آزار، ڏچو، زوري ڪرڻ. آڍو ليل سنڌ جو بدنام ڌاڙيل هو جيڪو سڪرنڊ تعلقي جي ڳوٺ ڇتن شاهه جو رهاڪو هو. آڍو ليلُ سُهڻن ڇوڪرن…

وڌيڪ پڙھو

ابو امڙ تي وريام.

وريام؛ مڙس ماڻهو، زير ڪندڙ. مڙس، فقط زال لاءِ بھادر هوندو آ. يعني بابو رڳو امڙ لاءِ بھادر يا سخت گير آ. باقي ٻاھر نڪتي کان پوءِ ڀاڙيو آ.

وڌيڪ پڙھو

اٺ، پنھنجي مٽ ۾ ترڪي.

مُٽُ؛ پيشاب. مُٽَ ۾ ترڪڻ. (ورجيس)؛ ڪمزوري ظاھر ٿيڻ. اٺ جي پيشاب جي نليءَ جو منھن، پٺ ڏانھن ھوندو آ، جنھن سببان ان جو وھڪرو پٺ ڏي ھوندو آ. مٽڻ…

وڌيڪ پڙھو

اڇي ڏاڙهي، اٽو خراب.

اٽو خراب ٿيڻ؛ پيريءَ ۾ زنا جھڙو ڪڌو ڪم ڪرڻ. جيئن تہ پيريءَ ۾ عقل گهٽجي وڃي ٿو، جنھن سببان غلط ڪم ڪندي بہ شرمساري محسوس نہ ٿيندي آھي. ۲اھو…

وڌيڪ پڙھو